SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي تنظيم


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي تنظيم

International Organization

انٽرنيشنل آرگنائيزيشن

ڪا به اهڙي تنظيم جيڪا ٽن يا ٽن کان وڌيڪ ملڪن تي مشتمل هجي ۽ سندس دائرو قومي مُفادن کان مٿڀرو هُجي، ته ان کي بين الاقوامي تنظيم چيو ويندو آهي. اهڙي تنظيم جيتوڻيڪ گهڻي قدر پاليسيون جوڙڻ تائين محدود هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته انتظامي اختيار بهرحال هر رياست جي حُڪومت تائين محدود هوندا آهن. اهڙي طرح ”بين الاقوامي تنظيم“ گهڻي قدر سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ امن نافذ ڪندڙ تنظيم هوندي آهي. سندس ميمبر شپ، مالي سگهه، موجودگي ۽ عمل جو دائرو پڌرو هوندو آهي. ان تنظيم جو بنيادي ڪم اڳرائي پسنديءَ يا تڪرار ڀريو هرگز نه هوندو آهي. اهڙي تنظيم هاڪاري طريقي سان بين الاقوامي برادريءَ لاءِ آساني ۽ ايڪي جو ماحول فراهم ڪندي آهي. مثلاً ليگ آف نيشنس ۽ گڏيل قومن جي تنظيم وغيره ٻين لفظن ۾ ته اها دفاعي يا رد عمل ڏيکاريندڙ تنظيم نه هوندي آهي. ان سلسلي ۾ قائم ٿيندڙ ڪجهه معيار هيٺين طرح آهن. 1. عام طور تي اهڙي تنظيم جي ميمبري هر رياست لاءِ کُليل هوندي آهي ۽ ان ۾ نمائندگي ڪندڙن کي ڪنهن نه ڪنهن حُڪومت طرفان اختيار مليل هوندا آهن. 2. هر ميمبر رياست ڪنهن جاگرافيائي، آبادي، ثقافتي يا مالي معيار مطابق نه پر مساوات جي اصول تحت مڃي ويندي آهي. 3. بين الاقوامي تنظيم ڪنهن به ميمبر رياست مٿان پنهنجا شرط زوريءَ نه مڙهي سگهندي آهي ۽ اُها فقط طئه ٿيل سفارشات تي عمل درآمد جي درخواست ڪري سگهندي آهي. 4. بين الاقوامي تنظيم رياستن وچ ۾ تڪرار جو خاتمو مُذاڪرات ۽ ٺاهه ذريعي ڪرائيندي آهي


.


بين الاقوامي تنظيم بابت وڌيڪ اصطلاح

  • وکرن جي معيار بابت بين الاقوامي تنظيم

  • Remember Me Also:

    لپ

    لِپَ جمع لِپُون

    ث . ذ . ليپو، راڳو. بندوق ۽ بندوق ۾ دُکائي وڌل اڳڙيون.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal